رضوي سيد قطب شاهه

رضوي، سيد قطب شاهه: سيد قطب شاهه رضوي 1130هه/ 1717ع ڌاري ڄائو. ميين شاهه عنات رضويءَ جو پڙ پوٽو ۽ سيد بلال شاهه جو پٽ هو. سندس شاعريءَ ۾ ميين شاهه عنات، شاهه شريف ۽ بلال شاهه جو رنگ ڍنگ ڏسجي ٿو. ٻولي عام فهم ۽ مقصد ۾ پختگي سندس شعر جو خاص اهڃاڻ آهن. هڪ شاعر طور نج سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘ ۾ قطب شاهه جا 150 بيت ڏنا آهن. خاص ڳالهه ته قطب شاهه وڏين جي روايتن جي برعڪس ڪلهوڙن بدران ٽالپرن جي حمايت ڪئي. فقير صاحب ڪنهن ڪم سانگي ڪلهوڙي حاڪم وٽ ويو، پر سندس ڪم نه ٿيو. ان تي قطب شاهه چيو:
نڪي طبل تانهجو. نڪي نديءَ نير،
ڪلهوڙي جو ڪير، پٽيوسين پاتار مان.
-
الله حسبي، ڪلهوڙن کان کسبي،
ٽالپرن کي ڏسبي، تنهان پوءِ پسبي.
سيد قطب شاهه، ڪلهوڙن جي حڪومت جي خاتمي 1198هه تائين زندهه رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو